نڪور خبرون
Home / رانديون / پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾22 مارچ تي آمهون سامهون ٿينديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾22 مارچ تي آمهون سامهون ٿينديون

شارجا (اسپوٽس) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جو آغاز 22 مارچ کان ٿي رهيو آهي. پاڪستان سپرليگ جي ختم ٿيڻ بعد پاڪستاني ٽيم کي هاڻي ون ڊي سيريز ۾ ڪينگروز جو چلينج درپيش هوندو. جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم ڀارت کي ان جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ بعد هاڻي گرين شرٽس خلاف به سيريز کٽڻ تيِ نظرون  رکيون آهن. هن لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ سخت مقابلي جي توقع ڪئي پئي وڃي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻيو ون ڊي ميچ 24 مارچ، ٽئين ميچ 27 مارچ،چوٿين ميچ 29 جڏهن ته 5 ۽ آخري ميچ 31 مارچ تي کيڏيي ويندي. سيريز جون  2 شروعاتي ٻه ميچون شارجه، ٽئين ميچ ابوظهبي جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ دبئي ۾ کيڏي ويندي. سموريون ميچون ڊي اينڊ نائٽ هونديون ۽ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ٻنپهرن جو 4 وڳي شروع ٿينديون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے