Home / شوبز / فلم ” ڪيپٽن مارول “ ٻن هفتن ۾ 73 ارب روپين کان وڌيڪ جو ريڪارڊ بزنس ڪيو

فلم ” ڪيپٽن مارول “ ٻن هفتن ۾ 73 ارب روپين کان وڌيڪ جو ريڪارڊ بزنس ڪيو

 لاس اينجلس (شوبز) هالي وڊ فلم ” ڪيپٽن مارول “ ٻن هفتن ۾ سڃي دنيا مان 73 ارب کان وڌيڪ ڪمائي ڪري سڀن کي پوئتي ڪري ڇڏيو . سڌ سماءِ جي ذريعن موجب ٻه هفتا نارٿ آمريڪن باڪس آفس تي 9 ارب 65 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو . اها رقم باڪس آفيس تي پوءِ ايندڙ نئين فلم جي مجموعي بزنس کان وڌيڪ آهي . ڪيپٽن مارول سڃي دنيا مان مجموعي طورتي 73 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ڪمائي آهي ۽ فلم هڪ کرب روپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب وئي . ”ڪيپٽن مارول “ 2 هفتن ۾ 73 ارب روپيا ڪمايا . باڪس آفيس تي نئين ريليز ڪيل ايني ميٽد فلم ” ونڊر پارڪ “ جو بزنس ٻين نمبر تي رهيو . جنهن 2 ارب 22 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو جڏهن ته ٽين نمبر تي نئين ريليز فلم ” فائيو فيٽ اپارٽ “ هڪ ارب 83 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪيو .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ڪراچي: (شوبز) عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے