نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ايل او سي وٽ پاڪ فوج ڀارتي جاسوس جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيو

ايل او سي وٽ پاڪ فوج ڀارتي جاسوس جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيو

راولپنڊي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪ فوج پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي جاسوس جهاز ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي جاسوس جهازکي لائن آف ڪنٽرول تي رک چڪري سيڪٽر ۾ ڪيرايو ويو آهي.  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي جاسوس جهاز 150 ميٽر پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو. گذريل مهيني 26 فيبروري تي ڀارتي جهازن پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي پر هوائي فوج جي وقت تي ڪارروائي ۾ ڀارتي جهاز بدحواسي ۾ پي لوڊ ڪيرائي هليا ويا جڏهن ته ٻئي ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي مداخلت جي ڪوشش کي هوائي فوج ناڪام بڻائيندي ٻن ڀارتي جهازن کي ڪيرائي وڌو جڏهن ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو ويو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے