Home / پاڪستان / يورپ ۾ هن وقت اسلام فوبيا ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، نيوزيلينڊ حڪومت سان رابطو آهي: وزير شاهه محمود قريشي

يورپ ۾ هن وقت اسلام فوبيا ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، نيوزيلينڊ حڪومت سان رابطو آهي: وزير شاهه محمود قريشي

ملتان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ مسجدن تي حملن جي واقعن ۾ هڪ پاڪستاني زخمي ۽ 9 گم آهن. ان مسئلي تي پاڪستان نيوزيلينڊ سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته يورپ ۾ هن وقت اسلام فوبيا ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اتي اميگريشن ۽ مائيگريشن جو مسئلو تمام اهم ٿي چڪو آهي، نسل پرست ماڻهو ان مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهي سياست تي به اثر انداز ٿين ٿا ۽ اهڙيون حرڪتون به ڪري رهيا آهن، ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته انهن واقعن ۾ گم ٿيل پاڪستاني جيڪي ڪنهن سان به رابطي ۾ ناهن ۽ انهن جا فون به بند آهن، ان لاءِ انهن جي باري ۾ جيستائين ڪو سرڪاري اعلان نٿو اچي وڃي انهن کي گم ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه چوڻ مناسب نه هوندو. مان نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سان به رابطي ۾ آهيان ته خدانخواسته جيڪڏهن انهن جي باري ۾ ڪا اهڙي خبر اچي ته پوءِ ان جي خاندان وارن سان ڪهڙي طرح رابطو ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن انهن جي شهادت جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته ان جي گهر وارن جي مرضي مطابق انهن جي تدفين جو فيصلو ڪيو ويندو ته جيئن انهن کي اتي دفنايو وڃي يا انهن جون ميتون پاڪستان آنديون وڃن. هن چيو ته ان معاملي ۾ اسان انهن جي پونئرن سان گڏ آهيون ۽ انهن جي ڏک کي محسوس ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسجدن تي حملو ڪندڙ جي ذهني ڪيفيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو انسانيت جو قتل ڪرڻ ويو هو ۽ پنهنجي هلمٽ ۾ ڪيمرا لڳائي هئي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪي آهي ۽ نيوزيلينڊ جهڙو پرامن ملڪ به ان جو شڪار ٿي ويو جتي ان کان اڳ اهڙو واقعو ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ نه آيو هو. هن چيو ته اڃا تائين ان واقعي ۾ 4 گرفتاريون ٿيون آهن جن ۾ مرد ۽ عورتون شامل آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے