نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پرڏيهي آفيس پاران نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي فهرست جاري

پرڏيهي آفيس پاران نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي فهرست جاري

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي نيوزيلينڊ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ گم ٿيل 9 پاڪستانين جي فهرست جاري ڪئي آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته واقعي کانپوءِ 34 سالن جو سيد جهانداد علي، 22 سالن جو طلحهٰ نعيم (ايبٽ آباد)، 40 سالن جو سهيل شاهد، 26 سالن جو سيد اريب احمد (ڪراچي)، جڏهن ته راولپنڊي جا رهائشي هارون محمود، ذيشان رضا ان جو والد ۽ والده گم آهن. ايبٽ آباد جي نعيم راشد بابت تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. نيوزيلينڊ ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن پنهنجي شهرين بابت تفصيل گڏ ڪري رهي آهي. دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيل حافظ آباد جي رهائشي محمد امين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هو اسپتال ۾ انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ علاج هيٺ آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے