Home / پاڪستان / ڪرتارپور راهداري جي اڪثر نڪتن تي ڀارت اعتراض ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واگها ۾ ٿيندو
Foreign Office spokesperson, Dr. Mohammad Faisal, addressing a media briefing after the return of the Pakistani delegation from Attari, India for Katarpur meeting at Wahga Border on 14th March 2019.

ڪرتارپور راهداري جي اڪثر نڪتن تي ڀارت اعتراض ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واگها ۾ ٿيندو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرتاپور راهداري رٿا تي ڳالهين جو ٻيو طور 2 اپريل تي طئي ٿي ويو آهي. سرحد پار اٽاري ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس ۾ ڊي جي ڏکڻ ايشيا ۽ ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي، قانون، انصاف ۽ مذهبي معاملن جا عملدار شامل آهن. گذريل ڏينهن ڪرتارپور راهداري ڳالهين لاءِ پاڪستان جو نائب هاءِ ڪمشنر سيد حيدر شاهه ڀارتي شهر امرتسر پهتو. ڀارتي اختيارين سان ملاقات ۾ ڪرتارپور راهداري سان پاڪستان طرفان ويزا ڇوٽ جي معاملي تي به ڳالهين ٿيون. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپرلي تي واهگا ۾ ٿيندو. ڀارتي اختيارين سان ڳالهين بعد واپسي تي پاڪستاني وفد جي سربراهه ڊاڪٽر محمد فيصل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 اپريل تي ڪرتاپور راهداري بابت ٻي ملاقات واهگا سرحد تي ٿيندي. هن چيو ته ڀارتي اختيارين سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن پر ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن، جنهن جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے