Home / سنڌ / آغا سراج دراني کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پهرين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

آغا سراج دراني کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پهرين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي پهرين مارچ تي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس الزام ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب جي جاچ آفيسر آصف رضا ميمڻ آغا سراج دراني کي احتساب عدالت آندو جتي رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري کيس بڪتر بند گاڏي ۾ آندو. نيب احتساب عدالت جي جج کان آغا سراج دراني جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت آغا سراج دراني کي پهرين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.  ٻڌڻي دوران پ پ اڳواڻ قائم علي شاهه، شهلا رضا، سعيد غني ۽ ٻيا اڳواڻ به عدالت پهتا. عدالت ٻاهران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري مقرر ڪئي وئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے