نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نوازشريف جو ٻن ماهر ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو،سائيڪل هلائڻ جي صلاح

نوازشريف جو ٻن ماهر ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو،سائيڪل هلائڻ جي صلاح

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڊاڪٽرن ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد نواز شريف کي سائيڪل تي ورزش ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، پنجاب جي ٻن سينيئر ڪارڊيالوجسٽن نواز شريف جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو هو. ڪوٽ لکپت جيل ۾ دل جي بيماري جي ماهرن پروفيسر ڊاڪٽر نديم ملڪ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ثاقب شفيع اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو، معائني کانپوءِ ڊاڪٽرن نواز شريف کي سائيڪل تي ورزش ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.  جنهن کانپوءِ نواز شريف کي ايڪسرسائز لاءِ سائيڪل مهيا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ آهي ته پنجاب جي ٻن سينيئر ڪارڊيالوجسٽن نواز شريف جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو، ڊاڪٽرن نواز شريف کي ورزش لاءِ ايڪسرسائز سائيڪل استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان نواز شريف جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پنجاب جي وڏي وزير کي نواز شريف لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ ۽ سندس مرضي موجب علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف جتي چاهي، کيس اتي صحت جون سهولتون ڏنيو وڃن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے