نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم عمران جي نااهلي درخواست، جج جو ٻڌڻي کان معذرت

وزيراعظم عمران جي نااهلي درخواست، جج جو ٻڌڻي کان معذرت

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد وحيد درخواستن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد وحيد درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.  درخواست ڪندڙ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عمران خان آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿو لهي، درخواست آهي ته عدالت وزيراعظم عمران خان کي نااهل قرار ڏي.  سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته درخواستگذار تڪ جو ووٽر ناهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪنهن به اسٽيج تي داخل ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن درخواست ڪندڙ ووٽر ناهي ته ڇو فائل نه ٿو ڪري سگهي. جسٽس شاهد وحيد درخواستن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي گهرڀيڙو ڪنداسين: مولانافضل الرحمان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانافضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے