نڪور خبرون
Home / سنڌ / بينڪنگ ڪورٽ آصف زرداري، فريال ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي

بينڪنگ ڪورٽ آصف زرداري، فريال ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور جي ضمانت ۾   15 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.  تفصيل موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري عدالت جي روبرو پيش نه ٿيو جڏهن ته سندس ڀيڻ فريال ٽالپور ضمانت ۾ واڌ لاءِ بئنڪنگ ڪورٽ اڳيان پيش ٿي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس وڪيل وڪيل طرفان درخواست داخل ڪئي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ته آصف علي زرداري قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ مصروف آهي.  اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي اڄ پيش نه ڪيو ويندو، ملير جون جيل اختياريون انور مجيد جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ کڻي عدالت  پهچي ويون. پوليس موجب ڪارڊيو اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته انور مجيد عليل آهي، بيماري سبب ڊاڪٽرن انور مجيد کي سفر ڪرڻ کان منع ڪيو آهي. آصف علي زرداري طرفان ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ تي اعتراض عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا، آصف علي زرداري جي اعتراضن جي ڪاپي نيب پراسيڪيوٽر کي فراهم ڪئي وئي.  ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب چيئرمين ڪيس اسلام آباد منتقلي جي منظوري ڏئي چڪو آهي، ڪيس سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جوابدارن جي وڪيلن جا اعتراض بنا سبب آهن. ان ڪيس جو نيب ريفرنس ۾ اهم ڪردار آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب جوابدارن کي شوڪاز نوٽيس جي ضرورت به ناهي.  نيب جي وڪيل چيو ته نيب چيئرمين کي ڪيس منتقل ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي، جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 16 اي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس منتقل ڪرڻ جو اختيار ڪيس جي نوعيت سان جوڙيل آهي، جيڪو ڪيس نيب جي اختيارن واري دائري ۾ ايندو هجي اهو ئي منتقل ڪري سگهجي ٿو . جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس ٻئي صوبي منتقل ڪرڻ واري اختيار کي به ڏسڻو پوندو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اعليٰ عدليا جي فيصلي موجب ڪيس ٻئي صوبي منتقل نٿو ڪري سگهجي، نيب کي ڪيس منتقل ڪرڻ لاءِ چٽا ثبوت ڏيڻا پوندا آهن. بئنڪنگ ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان اهو طئي ڪنداسين ته ڪيس اختيارن واري دائري اچي ٿو يا نه پوءِ ڪيس اڳتي وڌائينداسين. جنهن بعد عدالت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪندي رمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس اسلام آباد منتقلي بابت فيصلو ڪنداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڌرلينڊ ۾ هٿياربند جي ريل گاڏي ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي، شهر بند

ايمسٽرڊم (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيڌرلينڊ جي شهر يوٽريڪٽ  ۾ اڻڄاتل شخص ٽرام ۾ سفر ڪندڙ مسافرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے