نڪور خبرون
Home / سنڌ / ٿر پارڪر ۾گذريل هڪ هفتي دوران 50 کان وڌيڪ مور مري ويا

ٿر پارڪر ۾گذريل هڪ هفتي دوران 50 کان وڌيڪ مور مري ويا

ٿرپارڪر( رپورٽر): ٿر پارڪر ۾ ڏڪار سبب ٻارڙن ۽ چوپائي مال کان پوءِ وڏي پئماني تي مور پکي پڻ موت جو کاڄ بڻجڻ لڳو. گذريل هڪ هفتي دوران 50 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن جڏهن ته وڏي انگ م بيماري ۾ مبتلا آهن. ٻيلي کاتي جي خاموشي سبب وڏي پيماني تي نقصان جا امڪان پڻ آهن. تفصيل مطابق ٿرپارڪر  ضلعي ۾ لاڳيتي ڏڪار سبب ٻارڙن، چوپائي مال جي وافر مقدار ۾ موتن کانسواءِ راني کيت بيماري ۽ ٻين سببن جي ڪري وڏي پئماني تي مور پکي پڻ موت جو کاڄ بڻجڻ لڳو. ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف ڳوٺن ماٽي، ڍڪن، گرڙا بهه، آروکي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ هڪ هفتي دوران 50 کان وڌيڪ مور مري چڪا آهن. ٻيلي کاتي کي اطلاع ڏيڻ کان پوءِ به ڪي قدم نه کنيا ويا آهن. ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته مورن ۾ بيماري آهي جنهن سبب هو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. بيماري سبب مور انڌا ٿي ويندا آهن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي قابل نٿا رهن. هنن چيو ته بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ مور ٻن ڏينهن اندر ئي مري ويندا آهن ۽ سندن موت ۾  ڏهاڙي واڌارو ايندو پيو وڃي. جيڪڏهن انهن کي نه بچايو ويو ته مور جو نسل ناياب ٿي ويندو. سندن چوڻ هو ته ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ ضلعي انتظاميه کي بار بار ڌيان ڇڪائڻ کان پوءِ به ڪو قدم نه کنيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مور جي نسل کي بچائڻ لاءِ ٽيمون موڪليون وڃن جيڪي بيمار مورن جي علاج ۽ بيماري کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن يا ان قسم جي دوا ڏئي سگهن جنهن سان وڌيڪ مور مرڻ کان بچي سگهن

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڌرلينڊ ۾ هٿياربند جي ريل گاڏي ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي، شهر بند

ايمسٽرڊم (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيڌرلينڊ جي شهر يوٽريڪٽ  ۾ اڻڄاتل شخص ٽرام ۾ سفر ڪندڙ مسافرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے