نڪور خبرون
Home / سنڌ / ملڪ ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ نئون ميثاق جمهوريت ( ٽو) ٿي سگهي ٿو؛ نثار احمد کهڙو

ملڪ ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ نئون ميثاق جمهوريت ( ٽو) ٿي سگهي ٿو؛ نثار احمد کهڙو

لاڙڪاڻو(رپورٽر):  پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ نوازشريف وچ ۾ ڪوٽ لکپت جيل اندر ملاقات انساني همدرديءَ جي بنياد تي ٿي آهي ۽ ميثاق جمهوريت اڃان تائين ختم نه ٿيو آهي. نوازشريف جو بطور سياسي قيدي انساني همدرديءَ جي بنيادن تي علاج سندس پسند جي ڊاڪٽرن کان مرضيءَ موجب ٿيڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جڏهن دشمن ملڪ جي پائلٽ کي آزاد ڪري سگهي ٿي ۽ آئين جي غدار آمر پرويز مشرف کي وطن واپس نه ٿي آڻي سگهي ته پوءِ ملڪ جي ٽي دفعا وزيراعظم رهندڙ نوازشريف کي مرضي موجب علاج ڇو نه ٿو ڪرائڻ ڏنو وڃي. آئين تحت هر مريض قيديءَ کي انساني بنياد تي مرضيءَ موجب علاج ڪرائڻ جو حق حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي، عبدالفتاح ڀٽو، خير محمد شيخ، نورالدين ابڙو،شڪيل ميمڻ پڻ موجود هيا. نثار کهڙو چيو ته نوازشريف جي علاج تي وفاقي حڪومت جا وزير مذاق اڏائي رهيا آهن ڇا وفاقي حڪومت نوازشريف کي بند رکي مارڻ ٿي چاهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هاڻي نوازشريف جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو مطلب اهو آهي ته وزيراعظم پاران پهريان نوازشريف کي علاج جون سهولتن ڏيڻ کان روڪيو ويو هيو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پراڻو ميثاق جمهوريت اڃان ختم نه ٿيو آهي ان ڪري جڏهن پيپلز پارٽي يا ن ليگ کي ٻيهر موقعو ملي ته آئين جي آرٽيڪل 62، 63 جي خاتمي سميت ميثاق جمهوريت جي باقي رهيل شقن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي جماعتن وچ ۾ نئون ميثاق جمهوريت ( ٽو) ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌري نواز شريف جو فڪر ڇڏي ۽ پنهنجي وزارت بچائي جڏهن ته نوازشريف جي ضمانت جو معاملو عدالت کي ڪرڻو آهي. نثار کهرو چيو ته 18 هين ترميم تحت اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ صوبن حوالي ٿيڻا آهن پر وفاقي حڪومت اڃان تائين انهن کي صوبن حوالي ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪيو آهي جيڪو عمل صوبن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هن چيو ته سنڌ روينيو بورڊ ( ايس آر بي) جي اسمبليءَ مان منظور ڪيل قانون تحت اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ مان سنڌ روينيو بورڊ کي ٽيڪس اوڳارڻ جو اختيار حاصل آهي پر ايف بي آر غير قانوني طور تي سنڌ مان ساليانو اربين رپيا ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ کي فور طور تي صوبن حوالي ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري سنڌ روينيو بورڊ کي ٽئڪس اوڳاڙي ڪرڻ ڏني وڃي. هن چيو ته وفاق کي 18هين ترميم تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو ان ڪري صوبن جو حق صوبن حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۾ وفاقي حڪومت تي مثبت تنقيد ڪندي رهندي پر حڪومت جي رويي تي افسوس آهي جو اپوزيشن جي مثبت تنقيد تي ڪم ظرفي ڏيکاري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران بلاول ڀٽو زرداريءَ جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تقرير تي تنقيد ڪئي پئي وڃي پر انگريزيءَ ۾ تقرير ته قائد اعظم محمد علي جناح پڻ ڪندو هو. هن چيو ته وزيراعظم پاران بلاول ڀٽو زرداريءَ جي انگريزيءَ ۾ تقرير تي تنقيد ڪرڻ قائد اعظم تي تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم ٿر جي دوري تي ويو پر ٿر لاءِ صرف صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪو به اعلان نه ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم ٿر واسين لاءِ صحت ڪارڊ ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي پر اهو پڻ واضع ڪيو وڃي ته اتان جا ماڻهون علاج ڪهڙي اسپتالن مان ڪرائيندا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ته وفاق جون اسپتالون ئي ناهن جيڪڏهن سنڌ جي اسپتالن مان ان وفاق جي صحت ڪارڊ ذريعي علاج ٿيندو ته ڇا وفاقي حڪومت سنڌ کي فنڊ ادا ڪندي اهو پڻ واضع ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران ٿر ۾ صحت ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ائين آهي جيئن ماضيءَ ۾ نوازشريف بجلي کان محروم جيڪب آباد لاءِ ٽرانسفارمرن جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته عمران خان پيپلز پارٽيءَ جي جدوجهد ۽ قربانين جي ڳالهه ته ڪري ٿو پر کيس خبر هجڻ گهرجي ته سياست ۾ قربانيون ۽ جدوجهد پيپلز پارٽيءَ جي ئي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪهڙي قرباني ۽ جدوجهد آهي اها ٻڌائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي سڀني سياسي جماعتن سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري اهو ثبوت ڏنو ته پاڪستان امن ۾ خلل نه پر امن چاهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ سلامتيءَ واري معاملي تي پوري قوم متحد آهي ۽ امن جي خواهش ملڪ کي کي بين الاقوامي طور تي مضبوط ڪندي.  هن چيو ته افسيس سان چوڻو ٿو پئي ته حڪومت پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي هوندي ملڪ مسئلن جو ئي شڪار رهندو ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت جي ڪنهن به منصوبي تي ڪا به پلاننگ نه آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ مسلسل چئن سالن کان ٿر جي 2 لک 86 هزار گهرن کي منفت ڪڻڪ فراهم ڪري رهي آهي ۽ مفت ڪڻڪ ورهائڻ جو دائرو ڪاڇي. اڇڙي ٿر، ڪوهستان تائين وڌايو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے