Home / انٽرنيشنل / سي ايس ڊبليو اجلاس ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويندو: مليحه لوڌي

سي ايس ڊبليو اجلاس ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويندو: مليحه لوڌي

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ايندڙ هفتي گڏيل قومن جي ماتحت اداري ”ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين“ (سي ايس ڊبليو) جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ عورتن کي وڌ کان وڌي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برا بري جي حوالي سان کنيل قدمن سان سڄي دنيا جي ملڪن کي آگاهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي پاڪستان 4 مختلف تقريبون منعقد ڪندو جنهن جو مقصد صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ آهي. گڏيلق ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده مليحه لوڌي عالمي اداري جي اجلاس کان اڳ ”اي پي پي “  سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سي ايس ڊبليو جي 63 هين اجلاس دوران پنهنجون سفارتي سرگرميون جاري رکنداسين. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع ”سماجي تحفظ جو نظام، سهولتن تائين پهچ، صنفي برابري  کي هٿي ڏيڻ لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچي  جي فراهمي ۽ عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار بڻائڻ“ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نمائندگي نيشنل ڪميشن فار وومين جي چيئر پرسن خاور ممتاز ڪندي هن چيو ته سي ايس ڊبليو سان پاڪستان کي ملڪ ۾ ڪيل وسيع سڌارن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ايجنڊا ۽ پنهنجن تجربن سان ٻين ملڪن جي فائدي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو جنهن سان پاڪستان ۾ عورتن کي وڌ کان وڌ بااختيار  بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي حوالي سان کنيل قدمن کان سڄي دنيا جي ملڪن کي آگاهه ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: (م ڊ) مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے