نڪور خبرون
Home / رانديون / پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي جي گورنر هائوس ڪراچي آمد، گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو

پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي جي گورنر هائوس ڪراچي آمد، گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)شاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي جي گورنر هائوس آمد تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کيس ڀليڪار ڪيو. سومر ڏينهن جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊيرن سيمي کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي آمد کي تاريخي بڻائڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي. ڊيرن سيمي سندس اها درخواست قبول ڪندي گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گورنر چيو ته عالمي رانديگرن جي پي ايس ايل ۾ شرڪت ان ڳالهه جو اظهار آهي ته پاڪستان خاص ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ هتي عالمي ڪرڪيٽ واپس اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ان موقعي تي ڊيرن سيمي چيو ته کيس پاڪستان خاص ڪري ڪراچي اچڻ تي تمام وڏي خوشي ٿي آهي، ان کان پهرين به هو هتي جو دورو ڪري چڪو آهي، هتي جا ماڻهو مهمان نواز ۽ پيار ڪندڙ آهن. هن چيو ته هو پاڪستان جي ثقافت کان تمام گهڻو متاثر آهي، هتي جا کاڌا به تمام گهڻا لذيذ آهن، خاص ڪري برياني تمام گهڻي پسند آهي. هن چيو ته ڪاميابي ڪنهن به ٽيم جي هجي آخر ۾ ڪرڪيٽ ۽ پاڪستان جي ڪاميابي ٿيندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريديءَ يونس خان بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري آل رائونڊر شاهد خان آفريدي انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے