نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارت جو ايل او سي تي شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ رڳو باهه کي ڀڙڪائڻ آهي: آرمي چيف

ڀارت جو ايل او سي تي شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ رڳو باهه کي ڀڙڪائڻ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي( مانيٽرنگ ڊيسڪ )  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته ڪنهن به اڳرائي ۽ مهم جوئي جي صورت ۾ مادر وطن جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو ۽ ان اڳرائيءَ جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، خطي ۾ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ڪانفرنس ۾ مادر وطن خالف ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ايل او سي تي ڀارتي فورسز پاران شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي جارحيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڀارتي فورسز پاران لائن آف ڪنٽرول تي مسلسل شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ وارو سلسلو جاري آهي، خطي ۾ امن لاءِ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ کي روڪڻ لازمي آهي، جڏهن ته ڀارت جو ايل او سي تي شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ رڳو باهه کي ڀڙڪائڻ آهي. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪنهن به اڳرائي ۽ مهم جوئي جي صورت ۾ مادر وطن جو دفاع ڪيو ويندو، ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته پاڪستان امن، ترقي ۽ استحڪام طرف وڌي رهيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے