نڪور خبرون
Home / رانديون / لاڳيتو ڪريڪيٽ کيڏڻ رانديگرن لاءِ نقصان ڪار آهي: وقار يونس

لاڳيتو ڪريڪيٽ کيڏڻ رانديگرن لاءِ نقصان ڪار آهي: وقار يونس

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته لاڳيتو ڪرڪيٽ کيڏڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن کي آرام جو موقعو ڏيڻ ضروري آهي. ابوظهبي ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز هٿان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست کانپوءِ فرنچائز جي ڊائريڪٽر وقار يونس کان سوال ڪيو ويو ته مسلسل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب توهان جي ٽيم ۾ شامل قومي رانديگر شاداب خان، فهيم اشرف، حسين طلعت ۽ آصف علي ٿڪاوٽ جو شڪار نظر اچي رهيا آهن، اهي رانديگر ورلڊ ڪپ پلان جو به حصو آهن. جواب ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته منهنجي خيال ۾ سليڪٽر پي ايس ايل جي بنياد تي ٽيم جي چونڊ نه ڪندا، ورلڊ ڪپ لاءِ 18 کان 20 رانديگر اڳ ئي انهن جي ذهن ۾ هوندا، پي ايس ايل فرنچائز مالڪ پئسو خرچ ڪري اميد رکندا آهن ته رانديگر سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته رانديگر ٿڪاوٽ جو شڪار آهن، شاهين آفريدي سان به مسئلا سامهون آيا، مسلسل ڪرڪيٽ کيڏڻ سان ائين ٿيندو آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو موقعو ضرور ملڻ گهرجي. پي ايس ايل ۾ بيٽنگ جي ڀيٽ ۾ بالنگ جو ٽئلينٽ سامهون اچڻ جي سوال تي وقار يونس چيو اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهو 30 سالن کان ٿيندو پيو اچي، پاڪستان کي فاسٽ بالر ملندا رهيا آهن ۽ ملندا رهندا، اها سٺي ڳالهه آهي ته حارث رئوف، محمد موسيٰ، حسنين ۽ الياس جهڙا پيسر متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي پيش ڪري رهيا آهن، هن ڀيري سامهون آيل بالرن مان هڪ ٻن کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے