Home / شوبز / فلم ”اسپائيڊر مين فار فرام هوم“ 5 جولاءِ تي سينما گهرن ۾ ريليز ٿيندي

فلم ”اسپائيڊر مين فار فرام هوم“ 5 جولاءِ تي سينما گهرن ۾ ريليز ٿيندي

لاس اينجلس (شوبز) هالي ووڊ جي ايڪشن ايڊوينچر سان ڀرپور فلم ”اسپائيڊر مين فار فرام هوم“ 5 جولاءِ تي سينما گهرن ۾ ريليز ڪئي ويندي. سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب جان واٽسن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ان فلم ۾ اداڪار ٽام هالينڊ ”پيٽر پارڪر“ اسپائيڊر مين جي حيثيت سان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو جڏهن ته مائيڪل ڪيٽن، سيموئيل ايل جيڪسن، ميرسا ٽومي، ڊونلڊ گروور، مارٽن اسٽار، زينڊايا ۽ ٽوني ريولوري فلم جي ٻئي ڪاسٽ ۾ شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي پيٽرپارڪر نالي اهڙي ڇوڪري تي ٻڌل آهي جيڪو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي ۽ مڪڙي وانگر ڄار ذريعي بلند عمارتن تي سيڪنڊن ۾ چڙهي ويندو آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان پناهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جو حصو بڻي

اسلام آباد(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهره خان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے