Home / انٽرنيشنل / ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ هڪ نوجوان شهيد

ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ هڪ نوجوان شهيد

سري نگر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي کي دٻائڻ لاءِ لاڳو ڪيل ڪاري قانون تحت حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي گرفتار ڪيو جنهن تي ڪشميرين ڀرپور احتجاج ڪيوآهي، ان ڪاروائي دوران جماعت اسلامي جي اڳواڻ زاهد علي کي به گرفتار ڪيو آهي. ڀارت جي والاريل وادي ۾ ظلم ڏينهن هون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ڪو ڏينهن اهڙو نٿو گذري جنهن ڏينهن ڀارتي فوج ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد نه ڪندي هجي. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير جي امن ۽ تحريڪ آزادي کي غير قانوني طور تي نشانو بڻائيندي حريت اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مشهور ليڊر ياسين ملڪ کي گرفتار ڪيو آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيل ڪاري قانون تحت جماعت اسلامي جي اڳواڻ زاهد علي کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن تي ڪشميرين ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر موجود آهي. ياسين ملڪ جي غير قانوني گرفتاري خلاف ڪشميرين ڀرپور احتجاج ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے