نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان خطي جي امن لاءِ سدائين ڪوششون ڪيون آهن، يورپي يونين ۡشمير جو تڪرار حل ڪرائي: شاهه محمود

پاڪستان خطي جي امن لاءِ سدائين ڪوششون ڪيون آهن، يورپي يونين ۡشمير جو تڪرار حل ڪرائي: شاهه محمود

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، گهٽتائي لاءِ يورپي يونين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڀارتي پائليٽ جي واپسي تي عمران خان جا ٿورا مڃون ٿا. اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پريس ڪانفرنس ڪندي لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ نفرت جو نشانو پاڻ مسلمان بڻبا آهن، پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ سمٽ جي سطح تي ڳالهين بابت به ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پاڪستان سان ماضي ۾ به ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو آهي، يورپي يونين کي خدشو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن لاءِ جاءِ گهٽ ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي،  پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هٿياربند تڪرار ڪنهن جي حق ۾ ناهي،  وزيراعظم جي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي قدمن جي آجيان ڪيون ٿا، ڀارتي پائليٽ جي واپسي تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃون ٿا، جڏهن ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ يورپي يونين ڪردار ادا ڪري رهي آهي. لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزير چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، چاهيون ٿا ته افغانستان جو مسئلو ڳالهين ذريعي جلد حل ڪيو، افغانستان ۾ امن سان سموري خطي ۾ استحڪام ٿيندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، جڏهن ته پاڪستان لاءِ افغانستان ۾ پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ جو هي بهرين موقعو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے