نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي مان ٻارڙن جي گمشدگي، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم، پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار

ڪراچي مان ٻارڙن جي گمشدگي، جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم، پوليس جون رپورٽون غير تسلي بخش قرار

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل  ٻارڙن جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي شهر مان گذريل سال ٻارڙن جي اغوا ۽ گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران والدين طرفان ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻارڙن کي شهر جي مختلف علائقن مان اغوا ڪيو ويو،  ٻارڙن جون عمريون اڍائي کان 14 سال آهن، گم ٿيل ٻارڙن ۾ ڪبريٰ، مسلم جان، رابعا، گل شير، ابراهيم، جاويد، بوچا، عدنان محمد، منزه، نور فاطمه، صائمه، عبدالواحد، محمد حنيف، ثانيه، سهيل خان شامل آهن.  درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته 20 گم ٿيل ٻارڙن مان اڃا به 12 ٻار گم آهن، پوليس جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي،  ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ميڪنزم جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ڊي آءِ جي سي آءِ اي عارف حنيف جواب داخل ڪندي چيو ته 2 گم ٿيل ٻارڙن جي والدين بي فارم فراهم ڪيو، اهڙن ٻارڙن ملڪ کان ٻاهر سفر نه ڪيو آهي.  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي ٻارڙن جي بازيابي بابت رپورٽن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي رمارڪس ڏنا ته ٻارڙن جي بازيابي بابت رپورٽون غير سنجيده آهن، گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ مارڊرن ڊيوائسز جو استعمال ڪيو وڃي ۽ عوامي هنڌن تي ٻارڙن جون تصويرون لڳايون وڃن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے