نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪابينا پاڻ هڪ پيج تي ناهي ،شاهه محمود منهنجي تقرير سان اتفاق ۽ اسد اختلاف ڪيو: بلاول

ڪابينا پاڻ هڪ پيج تي ناهي ،شاهه محمود منهنجي تقرير سان اتفاق ۽ اسد اختلاف ڪيو: بلاول

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنرل عمر جو اولاد ڪيئن غيرت تي ليڪچر ڏئي سگهي ٿو، ڪابينا پاڻ هڪ پيج تي ناهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ناڻي واري وزير اسد عمر پارليامينٽ ۾ منهنجي تقرير کي ملڪ دشمن قرار ڏنو جڏهن ته پرڏيهي وزير منهنجي تقرير سان متفق آهي. هن چيو ته منهنجي تقرير تي ڪابينا ئي متفق  نه هئڻ سان ثابت ٿي ويو ته ڪابينا پاڻ هڪ پيج تي ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ناڻي واري وزير منهنجي انگريز ۾ لکيل تقرير تي اعتراض ڪيو پر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڻ انگريزي ۾ تقرير ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے