Home / سنڌ / سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي، جي اءِ ٽي سربراهه ۽ ٻيا طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي، جي اءِ ٽي سربراهه ۽ ٻيا طلب

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي سربراهه، صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس، رينجرز، گهرو کاتي سميت ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهيءَ ۾ 70 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.  ان موقعي تي پٽ جي عدم بازيابي تي عدالت جي ڪمري ۾ عورت روئي ويٺي جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته بدقسمتي سان پوليس گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، گهر وارا عدالتن ۾ روئي رهيا آهن ۽ پوليس وارن کي مٿن رحم نه ٿو اچي. جج چيو ته حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر آفتاب عالم کي جيل موڪلڻ گهرجي، حڪم ڏنو هو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان مدد ورتي وڃي. عدالت پڇاڻوڪيو ته شايع ٿيل اشتهار ڪٿي آهن، جاچ آفيسر چيو ته اشتهار شايع ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. جسٽس نعمت الله رمارڪس ڏيندي چيو ته بي حسي جو مظاهرو نه ڪيو، گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪرايا وڃن، عدالت پي ٽي ايف ۽ ٻين ادارن خلاف به حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. عدالت گم ٿيل شهرين جي ٽريول هسٽري ۽ حراستي مرڪزن جو رڪارڊ طلب ڪندي پوليس، رينجرز، گهرو کاتي ۽ ٻين ادارن کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے