نڪور خبرون
Home / سنڌ / دشمن جي هر اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ايڊمرل ظفر

دشمن جي هر اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ايڊمرل ظفر

ڪراچي( رپورٽر) سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته اسان اڳرائي نه ٿا چاهيون، جيڪڏهن دشمن اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين. سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سامونڊي ٿاڪن ۽ اڳين مورچن جو دورو ڪيو. نيول چيف اتر عربي سمنڊ ۾ مقرر سامونڊي جهازن جو به دورو ڪيو ۽ سامونڊي فوج جي آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو.  ان موقعي تي نيول چيف کي سامونڊي فوج جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته نيول چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات دوران آپريشنل تيارين ۽ بلند حوصلن جي واکاڻ ڪئي. سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي موجوده صورتحال ۾ آفيسرن ۽ جوانن کي چوڪسرهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڀارتي آبدوز جو وقت تي پتو لڳائڻ سامونڊي فوج جي آپريشنل تيارين ۽ پيشور صلاحيتن جو ثبوت آهي، اسان امن پسند آهيون پر دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي نهايت صلاحيت رکون ٿا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے