Home / سنڌ / ٽنڊي ڄام ڀرسان گهر مان 5 ٻارن سميت 7 ڀاتين جا لاش هٿ، معاملو ڳجهارت بڻيل

ٽنڊي ڄام ڀرسان گهر مان 5 ٻارن سميت 7 ڀاتين جا لاش هٿ، معاملو ڳجهارت بڻيل

ٽنڊو ڄام( رپورٽر ) ٽنڊو ڄام ويجهو هڪ ڪٽنب جي ست ڀاتين جي  موت وارو مامرو ڳجهارت بڻجي ويو آهي، ٽنڊوڄام ڀرسان راهوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حق نواز جوڻيجو ۾ هڪ گهر مان ڪٽنب جي 7 ڀاتين جا لاش هٿ آيا آهن. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. پوليس مطابق هڪ عورت، مرد ۽ 5 ٻارڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا آهن، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. فوتي 55 ورهين جي اشرف جوڻيجو، شهناز ، جواد ، فائزا، نشا ، عليزا ۽ لاريب جي موت تي ڳوٺ جي هر ماڻهو جي اک آلي آهي جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ٿي وئي آهي . ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم احمد شيخ ۽ ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ  حيدرآباد واقعي واري هنڌ پهچي جائرو ورتو .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے