Home / پاڪستان / نوازشريف جي علاج معاملي تي پنجاب اسمبلي ۾ ن ليگ جو احتجاج، واڪ آئوٽ

نوازشريف جي علاج معاملي تي پنجاب اسمبلي ۾ ن ليگ جو احتجاج، واڪ آئوٽ

لاهور ( مانِٽرنگ ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جون سهولتون نه ڏيڻ خلاف پنجاب اسمبلي ۾ مخالف ڌر احتجاج ۽ اسمبلي ۾ واڪ آئوٽ ڪيو. پنجاب اسمبلي جي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا محمد اقبال الزام مڙهيو ته نواز شريف کي علاج جون سهولتون فراهم نه پيو ڪيون وڃن.  خواجه عمران نذير چيو ته جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار سرڪار ۽ عمران خان هوندو. هن چيو ته نواز شريف کي علاج جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪنداسين. ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي  راجه بشارت چيو ته نوازشريف پاڻ ئي اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ضد ڪيو بيٺو آهي ته اسپتال ناهي وڃڻو. اسان کي ڪهڙو انوکو قيدي ملي ويو آهي ته جيڪو علاج به پنهنجي مرضي سان چاهي ٿو ۽ عدالتن کان فيصلا به پنهنجي مرضي جا چاهي ٿو.  هن چيو ته اسپيڪر صاحب هاڻي حڪم ڏئي اسان ملڪ جي بهترين ڊاڪٽرن کان نواز شريف جو علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن هو پنهنجي مرضي سان علاج نٿو ڪرائڻ چاهي ته پوءِ جيڪي مال لٽي ٻاهر ويا هئا انهن کان علاج ڪرائي وٺي. ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجو علاج به ٻه ڀيرا پاڪستان جي اسپتال مان ٿيو آهي جڏهن ته پي آءِ سي مان منهنجي امڙ جو علاج ڪرايو ويو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے