نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / پرڏيهي ميڊيا شاهدين سان ڀارتي دعوائن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

پرڏيهي ميڊيا شاهدين سان ڀارتي دعوائن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پرڏيهي ميڊيا پاڪستان ۾ هوائي حدن ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان ۽ مدرسي کي تباهه ڪرڻ وارين ڀارتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز ڀارتي هوائي فوج جي پاڪستان ۾ هڪ مدرسي تي ڪارروائي ۾ 350 دهشتگردن کي مارڻ واري دعويٰ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيوآهي. رائٽرز متاثر علائقن جي هڪ سال کان اڳ ۽ حملي کانپوءِ جي سيٽلائٽ تصويرون جاري ڪيون جنهن ۾ رڳو وڻن کي ٿيندڙ نقصان ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته رهائشي عمارتون جيئن جو تيئن موجود آهن. نيوز ايجنسي وڌيڪ لکيو ته سٽيلائٽ تصوير مودي جي ڪوڙين دعوائن تي هڪ ڀيرو وري سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي. ڀارتي هوائي فوج جي اڳرائي حڪمران پارٽي بي جي پي لاءِ هلندڙ سال چونڊن ۾ هاڪاري ۽ منفي ٻنهي قسمن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.  رائٽرز پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڀارتي هوائي فوج جي صلاحيت ۽ قابليت تي سوال اٿندا رهيا ته بي جي پي کي عوام کي گمراهه ڪرڻ سبب چونڊن ۾ ڌڪ لڳندو پر جيڪڏهن بي جي پي ان معاملي تي ائين ئي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي ته بي جي پي کي چونڊن ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڌرلينڊ ۾ هٿياربند جي ريل گاڏي ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي، شهر بند

ايمسٽرڊم (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيڌرلينڊ جي شهر يوٽريڪٽ  ۾ اڻڄاتل شخص ٽرام ۾ سفر ڪندڙ مسافرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے