Home / پاڪستان / آصف علي زرداري، بلاول زرداري، فريال ٽالپور ۽ مراد علي شاهه خلاف وڌيڪ 9 ڪيس کلي ويا

آصف علي زرداري، بلاول زرداري، فريال ٽالپور ۽ مراد علي شاهه خلاف وڌيڪ 9 ڪيس کلي ويا

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپور ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف وڌيڪ 9 ڪيس کلي ويا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب قومي احتساب بيورو جي راولپنڊي آفيس 72 ملزمن خلاف وڌيڪ ثبوت ملڻ تي ڪيس کوليا آهن.  گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ ۾ 16 ڪيسن جي جاچ لاءِ تجويز ڏني هئي پر نيب هن وقت جعلي اڪائونٽن بابت 25 ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي نيب اثاثن واري ريفرنس ۾ اڳوڻِ صدر آصف علي زرداري جي بريت بابت رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيو. نيب  جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي طرفان رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي وئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جڏهن رڪارڊ پيش ڪندو ته درخواست تي ٻڌڻي ٿي سگهندي.جنهن بعد عدالت ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے