Home / سنڌ / حڪومت فيصل واوڊا جو معاملو حل ڪرڻ کانسواءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ جي غلطي نه ڪري: خورشيد شاهه

حڪومت فيصل واوڊا جو معاملو حل ڪرڻ کانسواءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ جي غلطي نه ڪري: خورشيد شاهه

سکر  (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته حڪومت فيصل واوڊا جو معاملو حل کانسواءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ جي غلطي نه ڪري.  پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته طاقت رڳو پارليامنٽ وٽ آهي، اسان جو اتحاد ڀارت ۾ بحث هيٺ آهي، ان ويڙهه کانپوءِ ڇا اتحاد قائم رهندو، موجودا حالتن ۾ اتحاد کي قائم رکڻ انتهائي ضرورري آهي، بدقسمتي سان هڪ واقعو ٿي ويو جنهن تي معاملو اٿيو آهي، ڪير چوهاڻ وارو معاملو اٿاري رهيو آهي ڪير ڪجهه ٻيا مسئلا اٿاري رهيا آهن.  خورشيد شاهه چيو ته احسن اقبال ۽ خواجه آصف تي حملو ٿي چڪو آهي، عالمن سان ويهي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. ڪجهه ميمبرن جو چوڻ آهي ته ان همراهه کي نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي وري بجيٽ منظور ٿيڻ ڏينداسين.  سيد خورشيد شاهه فيصل واوڊا جي حل لاءِ مشورو ڏيندي چيو ته حڪومت فيصل واوڊا جو معاملو حل ڪرڻ کانسواءِ  بجيٽ منظور ڪرائڻ جي غلطي نه ڪري. واضح رهي آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا 3 مارچ تي نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ غيراخلاقي لفظ استعمال ڪيا هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے