Home / سنڌ / ٻارن ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ هر قسم جون سهولتون مهيا ڪنداسين: سيد مراد علي شاهه

ٻارن ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ هر قسم جون سهولتون مهيا ڪنداسين: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين آءِ سي ايڇ ۾ ٻارن جي ڪينسر سينٽر جو دوري دوران چيو ته سنڌ ۾ ٻين اسپتالن ۾ به ڪينسر وارڊ قائم ڪيا ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين آءِ سي ايڇ ۾ ڪينسر سينٽر جو دورو ڪيو. پنهنجي دوري دوران وڏي وزير سينٽر ۾ علاج هيٺ ٻارن سان ملاقات ڪئي.  وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪينسر جو سينٽر چائلڊ ايوسيئشن هلائي رهيو آهي، سينٽر 1999ع کان ڪم ڪري رهيو آهي. اين آءِ سي ايڇ جي ڪينسر سينٽر ۾ 7 هزار ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٻار رجسٽرڊ آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته هي ٽن سالن جو علاج آهي، ان ۾ نه رڳو پاڪستان پر افغانستان جا به ٻار رجسٽرڊ آهن. علاج مڪمل طور تي مفت ڪيو ويندو آهي ۽ هڪ ٻار جي علاج تي 4 کان 5 لک رپين جو خرچ ايندو. بريفنگ موجب سمورو خرچ پيشينٽ ايڊ فائونڊيشن برداشت ڪندو آهي. امن موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻارن ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ هر قسم جون سهولتون مهيا ڪنداسين. هن چيو ته اسپتالن بابت ڪورٽ ۾ ريويوپٽيشن داخل ڪري چڪا آهيون، اسپتالن ۾ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين. سنڌ جي ٻين اسپتالن ۾ به ڪينسر وارڊ قائم ڪنداسين. ان کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اين آءِ سي ايڇ ۾ قائم وارڊن جو جائزو وٺڻ آيو هئس، دوائن جي اگهن ۾ واڌ سان مسئلا وڌيا آهن تنهنڪري بجيٽ به وڌائينداسين.  هن چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو هو ته ڪجهه اسپتال اسان وٽ رهڻ ڏيو، اسان عدالتن ۾ به نظرثاني پٽيشن فائل ڪري چڪا آهيون، اميد آهي ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے