Home / شوبز / شنيرا اڪرم اداڪارا ڪنگنا کي ڇتو جواب ڏئي واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون

شنيرا اڪرم اداڪارا ڪنگنا کي ڇتو جواب ڏئي واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي زال شنيرا اڪرم بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت کي ڇتو جواب ڏئي سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جون دليون کٽي ورتيون. پاڪستان بابت زهر اوڳاڇيندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي 32 هين جنم ڏياڙي جي موقعي تي پاڻ کي خاموشي جو تحفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، يعني هوءَ پنهنجي جنم ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تائين مڪمل خاموش رهندي. ڪنگنا رناوت جي ان فيصلي تي شنيرا اڪرم ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته “رڳو 10 ڏينهن ڇو؟ توهان جيترا ڏينهن چاهيو خاموش رهي سگھو ٿيون”؟ شنيرا جي ان ٽوئٽ جو مقصد ڪنگنا کي اهو ظاهر ڪرائڻو هو ته هوءَ جڏهن به ڳالهائيندي آهي سدائين ڪنهن نه ڪنهن خلاف ڳالهائيندي آهي پهريان اداڪارا هرٿڪ روشن، پوءِ ڪرن جوهر ۽ ان کان پوءِ پنهنجي فلم “منيڪارنيڪا” لاءِ نيڪ خواهشن نه ڏيندڙن خلاف ڳالهائيندي هئي ۽ هاڻي ڪجهه عرصي کان هوءَ پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ ۾ مصروف آهي تنهنڪري ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته هوءَ خاموش رهي. سوشل ميڊيا تي شنيرا جي ان ٽوئٽ کي گھڻو ساراهيو ويو آهي ۽ واهپيدارن ڪنگنا کي جواب ڏيڻ تي شنير جون تعريفون ڪري رهيا آهن. هڪ واهپيدار لکيو ته ڀابي ڇا ته ڇڪو هنيو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته ڀابي ايتري سٺي گيم وسيم اڪرم کان کيڏڻ سکي آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان پناهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جو حصو بڻي

اسلام آباد(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهره خان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے