نڪور خبرون
Home / رانديون / ڪمار سنگاڪارا ۽ گلين ميڪسويل به قرنطينه ۾ هليا ويا

ڪمار سنگاڪارا ۽ گلين ميڪسويل به قرنطينه ۾ هليا ويا

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي سري لنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪس ويل به ڪورونا وائرس جي خدشي سبب پاڻ کي قرنطينه جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايم سي سي جي صدر ۽ اڳوڻي سري لنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا واضح ڪيو آهي ته هن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪا علامت ظاهر ناهي ٿي، قرنطينا لاءِ حڪومتي هدايتن تي عمل ڪري رهيو آهيان، اهو رويو اسان سڀني کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر شخص کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ اهو حفاظتي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪسويل به تنهائي اختيار ڪري ورتي. ان موقعي تي ميڪسويل چيو ته هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪٻئي کان پري رهڻو پوندو، اڻڄاڻائي سبب اسان پنهنجي پيارن کي مرڻ نٿا ڏئي سگهون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو: پي سي بي

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے