نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو،فوج طلب

اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو،فوج طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتياطي تدبير طور 15 ڏينهن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ مجسٽريٽ اسلام آباد جي آفيس مان جاري پڌرائي ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ قلم 144 کي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ مجسٽريٽ اسلام آباد محمد حمزه شفقت جي آفيس مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انساني جانين تي ڪورونا وائرس جي موذي اثر کي روڪڻ جي لاءِ اسان کي جنگي بنيادن تي هر ممڪن بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. قلم 144 لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ماڻهن ۾ سماجي رابطا ۽ فاصلا برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا شاپنگ مالز، دڪان ۽ ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين بند ڪيا ويندا. قلم 144 کي فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اِهو ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهندو ۽ ان جي ڀڇڪڙي تي قانون جي موجب سزا ڏني ويندي.  سيالڪوٽ ۾ به قلم 144 لاڳو: سيالڪوٽ ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ حڪومت اڄ رات 9 وڳي کان 24 مارچ صبح 9 وڳي تائين شاپنگ مالز، مارڪيٽون بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ميڊيڪل اسٽورز، بيڪري ۽ ٻين کائڻ وارين شين کان سواءِ شهاب پوره، علامه اقبال چوڪ، داره اريان چوڪ، خادم علي روڊ، صدر ڪينٽ، حاجي پوره روڊ سميت سڄي شهر ۾ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے