نڪور خبرون
Home / سنڌ / اسان جي لاءِ هڪ امتحان آهي، لاڪ ڊائون سان گڏ ٻيا قدم به کڻڻا پوندا: بلاول

اسان جي لاءِ هڪ امتحان آهي، لاڪ ڊائون سان گڏ ٻيا قدم به کڻڻا پوندا: بلاول

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون سان گڏوگڏ ٻيا حفاظتي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.يوم پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم اڄوڪو ڏينهن اهڙين حالتن ۾ ملهائي رهي آهي جڏهن پوري دنيا هڪ وڏي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي. ڪورونا وائرس جي وبا اسان جي ملڪ کي به متاثر ڪيو آهي.ڪورونا وائرس جي وبا اسان جي لاءِ هڪ امتحان آهي. سياسي قيادت کي ان عزم ۽ حوصلي جي پيروي ڪرڻ گهرجي. جنهن جو مظاهرو قرارداد پاڪستان جي منظور ڪرڻ وقت ڪيو ويو هو.اسان کي ملڪ گير لاڪ ڊائون سان گڏوگڏ ٻيا حفاظتي قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي.سمورا ادارا ڪورونا جي وبا جو ملي مقابلو ڪري ان جو هميشه جي لاءِ خاتمو ڪري ڇڏين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے