نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. سينيٽر رينڊ پال هن مرض ۾ مبتلا ٿيندڙ پهريون آمريڪي سينيٽر آهي.آچر تي سينيٽر پال رينڊ جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪيل ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي رياست ڪينٽيڪي جي ريپبلڪن سينيٽر ۾ ڪورونا جون علامتون ظاهر نه ٿيون هيون. پر توائر جي سفر ڪرڻ ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ سبب احتياطن ان جو ٽيسٽ ڪيو ويو جنهن جي نتيجن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.ٽوئٽ ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر ڪورونا وائرس جي متاثر ڪنهن ماڻهو سان سڌو سنئون رابطي جي باري ۾ لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئٽ موجب سينيٽر رينڊپال کي قرنطينه ڪيو ويو آهي ۽ هو گهر تي رهي آفيس جو ڪم ڪندو.ٻئي طرف آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب سنگين حالتون پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب نيويارڪ جي ميئر بل ڊي بلاسيو ڪورونا وائرس جي وبا کي 1930ع ۾ ايندڙ معاشي بحران جهڙي آفت قرار ڏنو آهي. هن صحت واري نظام کي وڌيڪ دٻاءُ کان بچڻ جي لاءِ آمريڪي فوج کي تيار ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.واضح رهي ته نيويارڪ شهر ۾ آمريڪا جي گڏيل  متاثرين جو وڏو انگ موجود آهي. ميئر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ 10 ڏينهن ۾ وڌيڪ وينٽي ليٽر نه مليا ته اهڙن ماڻهن جون فوتگيون به ٿي سگهن ٿيون جن جي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي.+

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀاتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سري نگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀاتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے