نڪور خبرون
Home / رانديون / اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد حق ڪورونا وائرس جو شڪار

اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد حق ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد  حق عالمگير وبا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي 185 ملڪن جي 2 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪري چڪو آهي. ان ماڻهن ۾ سياستدان ۽ فلمي شخصيتن سميت راندين جي دنيا سان تعلق کندڙ ماڻهو به شامل آهن. پاڪستان سپرليگ کيڏندڙ انگلينڊ جو رانديگر ايلڪس هيلز ۾ به ڪورونا وائرس جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو پر هن برطانيه پهچي ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا مثبت اچڻ جي ترديد ڪري ڇڏي هئي.ان کان علاوه پي ايس ايل جي دوران ئي پشاور زلمي جي ڪوچ چونڊ ٿيندڙ ڊيرن سيمي ملڪ واپسي تي آئسوليشن اختيار ڪري ورتي آهي. هن چيو ته مون کي ڪورونا وائرس ناهي پر احتياط جي طور تي 14 ڏينهن جي لاءِ آئسوليشن ۾ وڃي رهيو آهيان.هوڏانهن هاڻ اهي اطلاع اچي رهيا آهن اسڪاٽ لينڊ جو اڳوڻو رانديگر ماجد حق به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. اسڪاٽ لينڊ جي لاءِ 54 انٽرنيشنل ميچ کيڏندڙ ماجد حق جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو ٽيسٽ مثبت آيو هو پر اميد آهي ته اڄ جلد گهر پهچي ويندس.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو: پي سي بي

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے