نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪ ۾ 666 ، سنڌ ۾ انگ 357 ٿي ويو، ملڪ ۾ هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو شيون ذخيرو ڪن: عمران خان

ملڪ ۾ 666 ، سنڌ ۾ انگ 357 ٿي ويو، ملڪ ۾ هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو شيون ذخيرو ڪن: عمران خان

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر ۾ وڌيڪ 89 رپورٽ ۽ مختلف صوبن ۾ به ڪيسن ۾ ڌڙاڌڙا واڌ بعد ملڪ اندر مجموعي ڪيسن جو انگ 666 ٿي ويو. سنڌ جي صحت جي صوبائي وزير عذره فضل پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي طرفان صوبي ۾ هيل تائين 2700 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن مان 357 ڪيس سامهون آيا آهن، سکر ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 255 ۽ ڪراچي ۾ 101 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻي کي وائرس جي تصديق ٿي هئي، جيڪو مريض صحتياب ٿي چڪو آهي. ايران کان ايندڙ زائرين کي سکر ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي، صوبائي وزير چيو ته 60 ڪيس مقامي سطح تي منتقل ٿيڻ جي ڪري سامهون آيا آهن، مقامي سطح تي ڪيسن وڌڻ ڪري ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي، ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ماڻهن کي 14 ڏينهن تائين هڪٻئي کان پري رهڻ گهرجي. پنجاب ۾ 137، بلوچستان ۾ 104، خيبرپختونخوا ۾ 27، اسلام آباد ۾ 10، گلگت بلتستان ۾ 30 ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا سٽيل 5 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 3 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، پنجاب 8 ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ 12 ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ وڌي 666 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ايران کان آيل 12 زائرين ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ 8 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي543 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي شڪار مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، صحت کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 104 ٿي ويو آهي، جڏهن ته جهلم ۾ به ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جا 12 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثر مريضن جو انگ 104ٿي ويو آهي. چيف سيڪريٽري بلوچستان جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 104 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، وائرس تي ضابطي لاءِ ملڻ جلڻ کان پاسو ڪرڻ جون هديتون جاري ڪيون ويون آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 267 آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس 9 ڪيس سامهون اچڻ بعد مبتلا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن مريضن جو انگ 23 تائين پهتل آهي. هوڏانهن آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ مريض علاج هيٺ آهي. اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو ٽيون مريض به صحتياب ٿي ويو آهي، يوڪي جو سفر ڪندڙ زال ۽ مڙس کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو. يوڪي جو سفر ڪندڙ عورت شبنم جو مڙس صحتياب ٿي گهر منتقل ٿي ويو آهي، جڏهن ته عورت شبنم جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پمز جي آئسوليشن وارڊ جا 10 ڪمرا مريضن جي لاءِ ناڪافي هجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، سنڌ ۾ 267، پنجاب ۾ 104، اسلام آباد ۾ 10، خيبر پختوخواه ۾ 27، بلوچستان ۾ 104، گلگت بلتستان ۾ 30 ۽آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض علاج هيٺ آهن. ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هڪ مريض لاهور ۽ 2 مريض سنڌ ۾ حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته وائرس جي تصديق ٿيل 5 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن, ان کانسواءِ پاڪستان جي علماءِ ڪائونسل جمعي جي خطبي جو اردو بيان ختم ڪرڻ ۽ مختصر عربي خطبو پڙهڻ جي فتويٰ به جاري ڪئي هئي، وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري ضرورت پوڻ تي لاڪ ڊائون ڪيو ويندو،لاڪ ڊائون ڪرڻ سان روزانو ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهو سخت پريشان ٿيندا، ملڪ ۾ هن وقت اهڙي صورتحال ناهي جو ماڻهو شيون ذخيرو ڪن

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے