Home / پاڪستان / ڪشميرين جي خواهش موجب ڪشمير مسئلو حل ڪرائيندڙ کي نوبل انعام ملڻ گهرجي: وزيراعظم

ڪشميرين جي خواهش موجب ڪشمير مسئلو حل ڪرائيندڙ کي نوبل انعام ملڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ وارو ئي نوبل انعام جو حقدار هوندو.گرفتار ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي آزاد ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ٽوئيٽر واهپيدارن پاران مطالبو ڪيو پئي ويو ته وزيراعظم عمران خان کي امن جو نوبل انعام ڏنو وڃي.وزيراعظم عمران خان اڄ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته نوبل انعام جو حقدار ناهيان،  نوبل انعام جو اهو حقدار هوندو جيڪو ڪشميري عوام جي خواهشن مطابقڪشمير مسئلو حل ڪندو. وزيراعظم چيو ته ننڍي کنڊ ۾ انساني ترقي ۽ امن کي رستو ڏيڻ وارو نوبل انعام لاءِ اهل هوندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے