نڪور خبرون
Home / پاڪستان / موذي وائرس کان بچاءُ لاءِ حڪومت طرفان اعليٰ سطحي حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن: قمر جاويد باجوه

موذي وائرس کان بچاءُ لاءِ حڪومت طرفان اعليٰ سطحي حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن: قمر جاويد باجوه

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج کي سول انتظاميه جي امداد تيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو آهي ته انفرادي طور تي ڪورونا وائرس کان پنهنجو بچاءُ ڪرڻ حقيقت ۾ اجتماعي حفاظت جي بنياد آهي. آرمي چيف چيو ته پهريان انفرادي طور تي اسان کي ذميوار شهري بنجڻو آهي ته جيئن اجتماعي سطح تي حڪومتي ادارن جون ڪوششون ڪامياب ٿي سگهن. هن چيو ته هر پاڪستاني جو فرض آهي ته حڪومت ۽ صحت کاتي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڏنل هدايتن تي عمل ڪري. ائين ڪرڻ سان ئي قوم جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون.آرمي چيف چيو ته ڪوبه خطرو هڪ ذميوار ۽ پرعزم قوم کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. جيئن چين ڪري ڏيکاريو آهي ۽ پاڪ فوج به قومي ڪوشش جو حصو بڻجندي ان ذميواري کي ادا ڪندي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس کان قوم جي حفاظت جي عمل کي مقدس طريقي جي طور تي انجام ڏيڻا پوندا. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته انفرادي نظم ۽ ضبط  ۽ گڏيل تعاون سمورن ادارن جي ڪوششن کي گڏ ڪندو ۽ اهڙي طرح ئي قوم کي ڪاميابي ملندي.واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل طور تي انگ 519 ٿي ويو آهي. موذي وائرس کان بچاءُ لاءِ حڪومت طرفان اعليٰ سطحي حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن جنهن تحت ملڪ جا اسڪول، آفيسون سڀ بند آهن جڏهن ته راندين جون سرگرميون به ملتوي ڪيون ويون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے