نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪ ۾ 34 ٽرينون 15 رمضان تائين معطل ڪيون ويون آهن:شيخ رشيد احمد

ملڪ ۾ 34 ٽرينون 15 رمضان تائين معطل ڪيون ويون آهن:شيخ رشيد احمد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي وڌيڪ 11 روٽس تي ٽرينون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ ۾ 34 ٽرينون 15 رمضان تائين معطل ڪيون ويون آهن، جيڪي حالتون بهتر ٿيڻ سان ئي ٻيهر هلايون وينديون، ريلوي جي ڪنهن به ملازم کي نوڪري مان ناهي ڪڍيو ويو. پاڪستان ريلوي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق مختلف شهرن وچ ۾ هلندڙ 22 ٽرينون بند ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موهن جو دڙو،ٿل ايڪسپريس، ماروي پسنجر، موسيٰ پاڪ، چناب ايڪسپريس، فيصل آباد ايڪسپريس، ثمن سرڪار ۽ فيصل ايڪسپريس کي ڪورونا وائرس جي خدشي سبب بند ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير 6 روٽس تي هلندڙ 12 ٽرينون بند ڪرڻ جواعلان ڪيو هو. ريلوي جي مختلف روٽس تي 134 ٽرينون هلنديون هيون جن مان 34 بند آهن، جڏهن ته 100 ٽرينون هلي رهيون آهن. ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ ۾ 34 ٽرينون 15 رمضان تائين معطل ڪيون ويون آهن، جيڪي حالتون بهتر ٿيڻ سان ئي ٻيهر هلايون وينديون. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ريلوي جي ڪنهن به ملازم کي نوڪري مان ناهي ڪڍيو ويو، ريلوي خساري باوجود ملازمن جي مراعتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون.شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته لاڪ ڊائون ڪرڻ منهنجو اختيار ناهي، اهو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي، حالتون کي نظر ۾ رکي حڪومت قدم کڻي رهي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے