نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ وسيلا پاڪستان وٽ موجود ناهن: عمران خان

ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ وسيلا پاڪستان وٽ موجود ناهن: عمران خان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم  عمران خان ڪورونا وائرس سبب خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سميت غريب ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قرض معاف ٿيڻ سان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي ان ڪري عالمي برادري غريب ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جيڪڏهن اڃان به وڌيڪ پکڙجيو ته ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ وسيلا پاڪستان وٽ موجود ناهن.وزيراعظم عمران خان ايران مٿان به پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پابنديون ختم ڪرڻ سان ايران کي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ان ڪري وچ اوڀر ۾ ڪورونا جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران مٿان پابنديون هٽايون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي معيشت کي تباهه ڪري سگهي ٿو.ترقي يافته ملڪ غريب ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي لاءِ تيار رهن. وائرس سبب پيدا ٿيندڙ بحران مان ترقي يافته ملڪن ۾ به بک ۽ غربت وڌڻ جو امڪان آهي. عالمي برادري کي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قرض معاف ڪرڻ لاءِ  ڪو رستو ڪڍڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن کي ڪورونا وائرس سبب بدترين معاشي بدحالي جو امڪان آهي.ترقي يافته معيشتن جا قدم ڪمزور معيشت کي ڪورونا وائرس جي بحران سان وڙهڻ ۾ مدد ملندي. عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن ڪورونا جي صورتحال سنگين ٿي ته ڪمزور معيشت کي بچائڻ ۾ ناڪام ٿي وينداسين. پاڪستان جي برآمدات به متاثر ٿيندي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو.آءِ ايم ايف جو قرض پاڪستان جي لاءِ ناممڪن معاشي وزن بڻجي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان، ڀارت ۽ آفريڪي ملڪن کي هڪ جهڙي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو پاڪستان وٽ ڪنهن وڏي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ  نه سهولتون آهن ۽ نه ئي وري وسيلا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے