نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / اڀي نندن کي ٻيهر جهاز ڏيڻ لاءِ سندس فٽنيس رپورٽ بعد فيصلو ڪيو ويندو: ڀارتي ايئر چيف جي پريس ڪانفرنس

اڀي نندن کي ٻيهر جهاز ڏيڻ لاءِ سندس فٽنيس رپورٽ بعد فيصلو ڪيو ويندو: ڀارتي ايئر چيف جي پريس ڪانفرنس

 نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بالاڪوٽ ۾ ڀارتي هوائي فوج جي حملي بابت سوال تي ڀارتي ايئر فورس جو سربراهه بي ايس ڀنوا گهٻرائجي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته اسان جو ڪم گهربل ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻو هو، موتن بابت حڪومت ئي ٻڌائيندي، اسان ڳڻپ نه ٿا ڪري سگهون، اڀي نندن اڃا فٽ ناهي، سندس ٻيهر اڏام ميڊيڪل سان مشروط آهي. نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي ايئر چيف مارشل بي ايس ڀنوا چيو ته رافيل جهاز سيپٽمبر ۾ ايئر فورس جو حصو بڻجي ويندا، اسان جو فرض هدف کي نشانو بڻائڻو هو ۽ اسان بڻايو، جيڪڏهن نه بڻايو ويو ته پاڪستان جوابي ڪارروائي ڇو ڪئي؟ اسان ڳڻپ نه ٿا ڪري سگهون ته ڪيترا ماڻهو مارجي ويا آهن، ان جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته اتي ڪيترا ماڻهو موجود هئا. اڀي نندن جي ٻيهر اڏام ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ ايئر چيف چيو ته اسان پائليٽ جي ميڊيڪل فٽنس تي ڪا چانس نه وٺندا آهيون، جيڪڏهن اڀي نندن فٽ ٿيو ته ويڙهاڪ جهاز اڏائيندو. هن چيو ته اڀي نندن جهاز مان ٽپو ڏنو جنهن سان جسم تي گهڻو دٻاءُ پوندو آهي، جيڪڏهن ڪو به شخص هڪ ڀيرو ٻيهر جهاز تان ٽپو ڏي ۽ ٻيهر به ايئن ڪرڻو پوي ته اهو شخص ويل چيئر تي وڃي سگهي ٿو. بي ايس ڀنوا چيو ته مان به جهاز مان ايجڪٽ ڪيو آهي ۽ مون کي خبر آهي، ويڙهاڪ جهاز جو پائليٽ هجڻ لاءِ نهايت تندرست هجڻ گهرجي، ويڙهاڪ جهازن جي پائليٽن جي چونڊ ڪرڻ ڏکيو هجڻ جو هڪ سبب اهو ئي آهي. پاڪستاني جهازن جي مقابلي لاءِ مگ 21 جهاز بابت ڳالهائيندي ايئر چيف چيو ته اڳواٽ رٿابندي تحت آپريشنز ۾ توهان جهاز جي استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪندا آهيو پر اهڙي صورتحال هجي ته توهان پاڻ وٽ موجود هر جهاز کي استعمال ڪري وٺندا آهيو، اهو نه ڏسندا آهيو ته توهان وٽ ڪهڙو جهاز آهي، سمورا جهاز ويڙهه جي قابل آهن. هن چيو ته مان سياسي معاملن تي ڳالهيون ناهيان ڪندو پر اڀي نندن جي واپسي تي خوشي ٿي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جي يو آءِ جي ذيلي تنظيم انصار اسلام کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي ذيلي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے