نڪور خبرون
Home / سنڌ / دعا منگي ۽ بسمه اغوا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ٽن جوابدارن کي گرفتار

دعا منگي ۽ بسمه اغوا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ٽن جوابدارن کي گرفتار

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دعا منگي ۽ بسمه اغوا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي: پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري وررتو آهي: ذريعن جو چوڻ آهي ته نارين جي اغوا وارين وارداتن ۾ اڳوڻي پوليس آفيسر جا 3 ملازم ملوث آهن. پوليس ذريعن دعا ۽ بِسمه جي اغوا ڪيس جي حوالي سان اهم اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي آهي. ذريعن موجب ٻنهي نارين جي اغوا ڪيس ۾ ملوث پوليس آفيسر جي ٽن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پوليس آفيسر جا 3 ملازم اغوا ڪارروائين ۾ ملوث آهن، جڏهن ته اڳوڻو سب انسپيڪٽر آغا منصور اي سي ايل سي ۾ مقرر هو ۽ ماضيءَ ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي پوليس آفيسر آغا منصور ڪجهه عرصو اڳ هڪ بلڊر جي پُٽ کي به اغوا ڪيو هو. اُن کان اڳ بسما ميمڻ ۽ دعا منگي جي اغوا واري واردات لاءِ استعمال ٿيل گهر جو پتو لڳايو ويو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن شيرين جناح ڪالوني ۾ اهو گھر ڳولي لڌو آهي، جنهن گھر ۾ بسما ميمڻ ۽ دعا منگي کي اغوا ڪرڻ بعد رکيو ويو هو. ڪرائيم سين يونٽ جي اهلڪارن گھر کي سيل ڪيو، گھر سيل ڪرڻ کان اڳ اهم شاهديون هٿ ڪيون ويون ۽ فنگر پرنٽس پڻ ورتا ويا. اغوا ڪندڙن جي استعمال هيٺ هن گھر ۾ 2 دروازا رکيا ويا هئا، جڏهن ته ٻاهرين دروازي کي لوهي گِرل هڻي مضبوط ڪيو ويو هو. پوليس ذريعن موجب امڪان آهن ته اغوا ڪندڙن جو گروهه اڳوڻن پوليس اهلڪارن تي مشتمل آهي، گروهه ٽن ٽيمن ۾ ورهايل آهي، هڪ ٽيم گاڏيون ڦر ڪندي آهي، ٻي ٽيم انهن ڦر ڪيل گاڏين کي استعمال ڪري اغوا جون وارداتون ڪندي آهي جڏهن ته ٽين ٽيم ڀنگ جا معاملا طئه ڪندي آهي. پوليس ذريعن موجب جوابدارن کي ٽريس ڪيو ويو آهي، تمام جلد کين گرفتار ڪيو ويندو

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے