نڪور خبرون
Home / رانديون / گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق پاران قلندرز ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش

گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق پاران قلندرز ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ عبدالرزاق لاهور قلندر سان گڏ هجڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.پي ايس ايل جي 16هين مقابلي ۾ اڄ لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. عبدالرزاق جو تعلق لاهور سان آهي ۽ هن ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين لاهور جي ميدانن ۾ ئي ڪرڪيٽ کيڏي آهي. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز موقعو ڏنو. هيڊ ڪوچ معين خان آڇ ڪئي جنهن تي خوش آهيان پر جيڪڏهن مان لاهور سان گڏ هجان ها ته سٺو هجي ها. عبدالرزاق چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز موقعو ڏنو. هيڊ ڪوچ معين خان آڇ ڪئي جنهن تي خوش آهيان پر جيڪڏهن لاهور سان گڏ هجان ها ته وڌيڪ سٺو هجي ها.عبدالرزاق چيو ته پي ايس ايل ۾ ڪرڪيٽ جو معيار تمام گهڻو شاندار آهي. ان ۾ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بهتر مهارت ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شوقين ميچ ڏسڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن. نوجوان رانديگرن بابت ڳالهائيندي ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي بالنگ ڪوچ چيو ته نسيم شاهه ۽ محمد حسنين ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي پر نوجوان فاسٽ بالرن کي نالو ڪمائڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو: پي سي بي

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے