نڪور خبرون
Home / رانديون / چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي دبئي ۾ ملاقات

چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي دبئي ۾ ملاقات

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق دبئي ۾ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سان آسٽريليا خلاف پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ تي صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ آچر جي رات لاهور روانو ٿي ويو.  امڪان آهي ته پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جو اعلان ڇنڇر 9 مارچ تي ڪراچي ۾ ڪيو ويندو.  ان دوران انضمام الحق ساٿي سليڪٽرن ۽ ڪپتان سرفراز احمد سان مشاورت ڪندو.  ميڊيا جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز ۾ پنج رانديگرن فخر زمان، بابر اعظم، شاداب خان، حسن علي ۽ شاهين شاهه آفريدي کي آرام ڏنو ويندو.  جڏهن ته عابد علي، شان مسعود، سعد علي، عمر اڪمل ۽ ياسر شاهه کي کيڏائڻ جو امڪان آهي. ڪپتان سرفراز احمد سان مشورو ڪري فيصلو ڪيو ويندو ته کيس آرام ڏنو وڃي ۽ ڪپتاني شعيب ملڪ کي ڏني وڃي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ون ڊي ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ اپريل کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي. پاڪستان ڪپ ۾ پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ رانديگرن کي ٽيمن ۾ شامل نه ڪيو ويندو ۽ رانديگرن کي عالمي ڪپ کان اڳ آرام ڏنو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز 22 مارچ کان شروع ٿيندي ۽ پهرين ميچ شارجه ۾ کيڏي ويندي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاڳيتو ڪريڪيٽ کيڏڻ رانديگرن لاءِ نقصان ڪار آهي: وقار يونس

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے