نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو

آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو

دوحا(م ڊ) سال 2001ع ۾ نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کان پوءِ افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ جي خاتمي جي لاءِ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ تاريخي معاهدي تي صحيح ٿي وئي.تاريخي معاهدي جي تقريب کي خطاب ڪندي قطر جي پرڏيهي وزير چيو ته دوحا سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ڌرين سميت عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي.پرڏيهي وزير چيو ته قطر جي حڪومت معاهدي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جنهن سان افغانستان ۾ 19 سالن جي جنگ جو خاتمو ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي.سندس چوڻ هو ته امن معاهدو مرحليوار ڳالهين جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو جڏهن ته معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي سمورين ڌرين جو ڪردار تعريف جوڳو آهي.

مائيڪ پومپيو:

آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو چيو ته اڄ امن جي فتح جو ڏينهن آهي.هن چيو ته آمريڪا سمورين ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ پنهنجو ڌيان ڏين.آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سمورا افغاني امن ۽ خوشحالي سان رهڻ جو حق رکن ٿا.هن چيو ته افغانستان جي سمورن طبقن جو آواز ٻڌڻ جي نتيجي ۾ ئي پائيدار استحڪام ممڪن آهي.مائيڪ پومپيو چيو ته سمورن معاملن جي آمريڪا ۽ ان جي عوام جي سيڪيورٽي لازمي آهي.هن چيو ته امن کان پوءِ افغانستان جي ماڻهن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو پوندو.قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ ٿيل ان امن معاهدي ۾ طالبان طرفان افغانستان جي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال نه ٿيڻ جي ضمانت ڏني ويندي جڏهن ته آمريڪي فوج جي واپسي جو عمل شروع ٿيندو.

ملا عبدالغني بردار:

افغان طالبان جي سينيٽر ملا عبدالغني تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدو افغانستان جي مجاهد قوم ۽ عالمي برادري جي لاءِ خوشي ڏيندڙ آهي.هن چيو ته خودمختيار سياسي فورس (جماعت) گهربل آهي جيڪا خطي جي ٻين ملڪن ۽ عالمي برادري سان ٻطرفي لاڳاپن جو بنياد رکي.ملا عبدالغني چيو ته مون کي اميد آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نيڪالي کان پوءِ افغان قوم اسلامي نظام جي تحت ترقي جو بنياد رکندي.هن چيو ته سمورن افغان ڌڙن تي زور ڏيان ٿو ته هو سنجيدگي ۽ ايمانداري سان سمورن اختلافن کي نظرانداز ڪري هڪ گڏيل اسلامي نظام جوڙين جيڪو ملڪ جي ترقي جو سبب بڻي.افغان طالبان اڳواڻ امن معاهدي ۾ پيش آيل رنڊڪن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي قبول ڪيو ۽ ٿورا مڃيا.هن چين، ازبڪستان، روس، انڊونيشيا ۽ ناروي سميت ٻين ملڪن جا به ٿورا مڃيا جن افغان امن معاهدي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جي لاءِ هڪ امتحان آهي، لاڪ ڊائون سان گڏ ٻيا قدم به کڻڻا پوندا: بلاول

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے