نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي ۾ رينجرس جي ڪارروائي، 74 هزار سرجيڪل ماسڪ هٿ، ٻه ڄڻا گرفتار

ڪراچي ۾ رينجرس جي ڪارروائي، 74 هزار سرجيڪل ماسڪ هٿ، ٻه ڄڻا گرفتار

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان رينجرز سنڌ انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي شاهراهه قائدين پي اي سي ايڇ بلاڪ 2 واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي شوروم مان هڪ جوابدار محمد عثمان کي گرفتار ڪيو ۽ ان جي نشاندهي تي 74 هزار سرجيڪل ماسڪ ۽ 200 انفلوزن واٽر ڊرپس هٿ ڪري ورتيون. رينجرز ترجمان موجب جوابدار محمد عثمان ڪورونا وائرس کان احتياط جي لاءِ شهرين طرفان ماسڪ جي وڌندڙ ڊيمانڊ کي نظر ۾ رکندي شوروم جي مالڪ مزمل امام سان ڀائيواري ڪئي ۽ جوابدار او ايل ايڪس تي مهانگي اگهه تي وڏي پيماني تي ماسڪ وڪرو ڪري رهيو هو. پاڪستان رينجرز سنڌ طرفان هڪ ٻي ڪارروائي دوران واٽر پمپ چورنگي تان دڪاندار عماد کي گرفتار ڪيو ويو جنهن وٽان ڳري انگ ۾ فيس ماسڪ هٿ ڪيا ويا جيڪي هو في پيڪٽ 1650 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے