نڪور خبرون
Home / شوبز / ڀارتي من موهڻي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ميڊيا کان ناراض ٿي وئي

ڀارتي من موهڻي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ميڊيا کان ناراض ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جنگ جي حمايت ڪرڻ تي مٿس تنقيد ڪندڙن تي ڏمرجي پئي ۽ چيو ته ڪنهن جي به راءِ کي خبر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو. ڀارتي ميڊياجي رپورٽن موجب اداڪارا مٿس تنقيد ڪندڙن کي چيو ته اڄ جي هن جديد دور ۾ ماڻهن جي راءِ ڪيئن خبر بڻجي ويندي آهي اهو سمجهه کان ٻاهر، ڪيئي ڀيرا ميڊيا ۾ ماڻهن جي تنقيد کي خبرون بڻايو ويندو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ميڊيا 500 يا هزار ماڻهن جي راءِ کي سڀني جي راءِ بڻائي پيش ڪري. مان هڪ عوامي شخصيت هئڻ ڪري ماڻهن جي احساسن کي سمجهي سگهان ٿي پر اهڙيون شيون هڪ اسٽار تي تمام گهڻو دٻاءُ وجهنديون آهن جيڪو غيرضروري آهي.  اداڪارا چيو ته زندگي جيئڻ جا ٻه طريقا آهن هڪ اهو ته پاڻ وانگر پنهنجي انداز ۾ جيو يا وري اهڙي نموني جيو جنهن طريقي سان جيئڻ جي ٻيا ماڻهو اوهان مان اميد رکن ٿا، جيڪو صحيح طريقو ناهي. اداڪارا چيو ته اسان لاءِ ماڻهن جي راءِ جي ايتري اهميت نه هئڻ گهرجي. ياد رهي ته بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا گڏيل جي ماتحت ڪم ڪندڙ يونيسيف جي خيرسگالي وارن معاملن جي سفير آهي ۽ مهاجرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف ملڪن جا دورا ڪندي آهي پر ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ڀارت جي تازي ڇڪتاڻ تي  هوءَ پنهنجي ملڪ ۽ جنگ جي حمايت به ڪندي نظر آئي جنهن سبب کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو .

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان پناهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جو حصو بڻي

اسلام آباد(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهره خان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے