نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڀارت ۾ وڳوڙ، انتهاپسندن جي حملن ۾ 29 ڄڻا مارجي ويا، 200 زخمي

ڀارت ۾ وڳوڙ، انتهاپسندن جي حملن ۾ 29 ڄڻا مارجي ويا، 200 زخمي

نئين دهلي: (م ڊ) ڀارت ۾ شهريت جو تڪراري قانون منظور ٿيڻ کان پوءِ 79 ڏينهن جي دوران پرتشدد واقعن ۾ 69 ڄڻا مارجي ويا.ڀارتي خبرون ڏيندڙ اداري دي هندو موجب ڀارتي پارليامينٽ 11 ڊسمبر 2019 تي سٽيزن ترميمي ايڪٽ کي منظور ڪيو جنهن کان پوءِ 79 ڏينهن جي دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن ۾ 69 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. دي هندو موجب سٽيزن ايڪٽ امينڊمنٽ(سي اي اي) جي منظوري کان پوءِ آسام ۾ 6، اترپرديش ۾ 19، ڪرناٽڪا ۾ 2 ۽ تازو ئي نئين دهلي جي وڳوڙن ۾ 42 ڄڻا مارجي چڪا آهن.ان کان علاوه اتر پرديش، ڪيرالا، تامل ناڊو، مهاراشٽرا، بهار، مغربي بنگال، مدهاپرديش، راجستهان، گجرات ۽ تلنگانا سميت سڄي ملڪ ۾ سي اي اي ۽ اين آر سي جي خلاف احتجاج ڪيو ويو. واضح رهي ته شهريت جي تڪراري قانون جي خلاف نئين دهلي ۾ ٿيندڙ احتجاج تي گذريل هفتي پوليس ۽ بي جي پي جي غنڊن حملو ڪيو جنهن کان پوءِ گادي واري شهر جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ هندو مسلم وڳوڙ شروع ٿي ويا جن ۾ مسلمانن جي ملڪيتن سميت مسجدن کي به نشانو بنايو پيو وڃي.جڏهن ته مسلمانن کي سڃاڻپ ڪرڻ کان پوءِ کين قتل ڪيو پيو وڃي. نئين دهلي ۾ ٿيندڙ وڳوڙن دوران تقريبن 39 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جي لاءِ هڪ امتحان آهي، لاڪ ڊائون سان گڏ ٻيا قدم به کڻڻا پوندا: بلاول

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪورونا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے