نڪور خبرون
Home / سنڌ / کلي ڪچهريءَ ۾ عوام پاران پوليس،، تعليم، ميونسپل، گئس ۽ سيپڪو بابت شڪايتون ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ

کلي ڪچهريءَ ۾ عوام پاران پوليس،، تعليم، ميونسپل، گئس ۽ سيپڪو بابت شڪايتون ڪيون ويون آهن. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ

شڪارپور: ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ وزيراعليٰ جو معاون خاص بنده علي لغاري کليل ڪچهري منعقد ڪئي. کليل ڪچهري ۽ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاهه چيو ته شڪارپور ۾ سندس هي ٻي ڪچهري آهي جڏهن ته پوئين کلي ڪچهريءَ جي مسئلن جي حل بابت ڊي سي شڪارپور کان بريفنگ ورتي آهي. ان بريفنگ تحت ڪجهه مسئلا حل ٿيا آهن ۽ ڪجهه مسئلا جلد حل ٿي ويندا. هن چيو ته هن ٻي کلي ڪچهريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليس، صحت ۽ صفائي سٿرائي بابت شڪايتون مليون آهن جڏهن ته سيپڪو، سوئي گئس، تعليم، ترقياتي ڪمن، پرائيس چيڪنگ ۽ روينيو خلاف پڻ شڪايتون ٿيون آهن. هن چيو ته جيڪي به شڪايتون مليون آهن انهن مان ڪجهه جو موقعي تي ئي احڪامات جاري ڪري مسئلو حل ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه شڪايتن جي حل لاءِ ڊي سي شڪارپور رحيم بخش ميتلو کي 6 5 4 مارچ تي پابند ڪيو آهي ته اهي سڀ شڪايتون حل ڪن. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي اهو پڻ واضع ڪيو آهي ته سول اسپتال خلاف تمام گهڻيون شڪايتون ٿيون آهن، جنهنڪري شڪايتي سول اسپتال جو عملو ۽ ڊي سي سول اسپتال ۾ ويهي انهن مسئلن جو حل ڪڍندا. هن چيو ته ڊي سي شڪارپور کي اهو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ته هو شڪارپور جي سبزي مارڪيٽ وڃي اتي صفائي سٿرائيءَ جي مهم جو نگراني ڪري. هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو موٽر سائيڪل ڦر ۽ غلط ايف آرون داخل ٿيڻ جون شڪايتون آفيس ۾ ويهي پاڻ ٻڌي ۽ اهي شڪايتون حل ڪري. هن چيو ته انهن شڪايتن جي حل ٿيڻ کان پوءِ رپورٽ کيس مهيا ڪئي ويندي. جيڪا رپورٽ وزير اعليٰ سنڌ کي موڪلي ويندي. هن ان موقعي تي ڪجهه عنصرن کي چيو ته کلي ڪچهريءَ ۾ ڪابه سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي هتي مان شڪارپور جي عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ آيو آهيان ۽ هتي ڪجهه ڌريون سول اسپتال اداري کي تڪراري بڻائي رهيون آهن. هن چيو ته شڪارپور جو عام ماڻهو مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ۽ انهن کي ئي ڳالهائڻ ڏنو وڃي. کلي ڪچهريءَ ۾ شڪايت ڪندي روينيو ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي غلام سرور کونهاري چيو ته 6 سالن کان چارٽر آف ڊمانڊ ڏنو آهي پر سنڌ حڪومت ان تي عمل نه ٿي ڪري. ريحان احمد، علي بخش، عباس علي، زبير احمد، محمد اسلم، جانثار کوسو، احسان الله سومرو ۽ ٻين سيپڪو ۽ سوئي گئس بابت شڪايت ڪندي چيو ته شهر ۾ بجليءَ جون ايڪسپريس لائينيون فقط نالي ۾ آهن ۽ اتي به 8-8 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ۽ گئس جو پريشر به تمام گهٽ آهي ۽ کاڌي پيتي پچائڻ مهل گئس هلي وڃي ٿي. کلي ڪچهريءَ ۾ شڪايت ڪندي مسمات عجيبان چيو ته شڪارپور جي اسپتال ڪوس گهر بڻجي وئي آهي ۽ سندس ننڍڙو علاج نه ڪرڻ ڪري گذاري ويو ۽ کيس ايمبولينس به نه ڏني وئي. فهد شهزاد چيو ته سول اسپتال ۾ سرنج به نه ٿي ملي هڪ معمولي اسٽور ڪيپر ويگو گاڏي تي گهمي ٿو ته ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او ڪيتري ڪرپشن ڪئي هوندي. هن چيو ته شڪارپور يوٿ پاران مطالبو ڪري ٿو ته سول اسپتال کي ڪنهن خانگي اداري جي حوالي ڪيو وڃي. پ پ سٽي نائب صدر سهيل احمد عباسي چيو ته اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي پر وزير اعليٰ سنڌ پاران خاص هال ٺهرايو ويو هو جنهن مان بيڊ ۽ ايئر ڪنڊيشنر گم آهن، مهينن جا مهينا بيڊ جون چادرون نه ٿيون ڍوتيون وڃن، مريضن جي ماني بند آهي، انڪوائري ڪرائي وڃي. پبلڪ هيلٿ بابت شڪايت ڪندي اختر علي پيرزادو، اعجاز احمد، علي بخش ۽ ٻين چيو ته ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ اسان جي اسڪيم هڪ هنڌان کڻائي ٻي هنڌ منتقل ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان جي محلي خانچند آباد ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي وڃي رهيو آهي. جڏهن ته اختر علي پيرزادي چيو ته اسان کي 2010 ۾ ايورگرين ڪمپني آر او پلانٽ تي ملازم لڳرايو هو ۽ 8 مهينن کان پبلڪ هيلٿ انجنيئر پگهارون نه ڏئي رهيو آهي. پ پ عورتن جي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪائونسلر آپا نگهت منگي چيو ته پ پ جي گورنمينٽ هوندي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ ڊي سي پرائيس چيڪنگ بابت ڪي به قدم نٿو کڻي. هن چيو ته سندس وارڊ 17 ۾ پاڻي خراب ٿي چڪو آهي ۽ شڪارپور ۾ گندگيءَ جو تمام گهڻو آزار ٿي چڪو آهي ۽ ميونسپل چيئرمين کلي ڪچهريءَ مان غائب آهي، عوام جا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. پوليس بابت شڪايت ڪندي شاهد شيخ چيو ته اسانجو بزرگ ممتاز شيخ کي پوليس ماريو آهي ۽ هو هڪ ريڙهي هلائيندڙ پورهيت هيو، گهر ۾ گهڙي ڌڪ هنيا ويا آهن ان ۾ سپاهي فلڪ شير سميت 15 ۽ 3 ايس ايڇ اوز ملوث آهن، پوليس بابت شڪايت ڪندي اي ڪي لاشاريءَ چيو ته پوليس موٽر سائيڪل ڦر روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ۽ شڪايت ڪرڻ تي اَڍنگو رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي. نويد احمد چيو ته ڊکڻ پوليس زيادتي ڪري سندس مٿان ڀنگ ۽ چرس جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. الهڏنو شڪايت ڪئي ته سندس خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته علي محمد چيو ته پوليس 5 ڏينهن کان سندس ڀاءُ گم ڪيو آهي ۽ سپاهي نثار لاشاري کائنس هڪ لک روپيا ورتا آهن. تنهن باوجود سندس ڀاءُ کي نه ڇڏيو ويو آهي. خالد حسين چيو ته اسٽور گنج جي ٿاڻي جي حد مان سندس موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آهي اها واپس ڪرائي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد چيو ته ممتاز شيخ جي ٻن پٽن ڪمشنر ميرپور خاص جي ڀاءُ جي گهر مان چوري ڪئي جنهن تي ان جو ايف آءِ آر داخل ڪيو، جڏهن ته ان وقت هو موڪل تي هيو چارج ايس ايس پي جيڪب آباد بشير بروهي کي هئي جنهن انڪوائري ڪئي ته ڄاڻايل ملزم ملوث آهن. بند پيل اسڪولن ۽ فرنيچر جي کوٽ بابت شڪايت ڪندي شفيع محمد سندس ڳوٺ دلو دڙو ۾ ۽ ڳوٺ گودو شر ۾ اسڪول بند آهن ۽ اتي استاد مقرر ڪرايو وڃي. گڏجاڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور رحيم بخش ميتلو، ذوالفقار ڪماريو، فراز احمد شيخ، اي ڊي سي ون علي رضا انصاري سميت سڀني کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے