Home / شوبز / ڀارتي شو “دي ڪپل شرما“ ۾ نوجوت سنگهه سڌو جي واپسي جو امڪان

ڀارتي شو “دي ڪپل شرما“ ۾ نوجوت سنگهه سڌو جي واپسي جو امڪان

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور ترين مزاحيا پروگرام ” دي ڪپل شرما شو “ جي پروڊيوسر سلمان خان اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو جي واپسي جو خواشمند آهي. والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوجين تي پلواما حملي کانپوءِ هندو انتها پسندن جي دٻاءُ تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو کي ڀارت جي مشهور ترين ڪاميڊي شو ” دي ڪپل شرما شو “ مان ڪڍيو ويو ۽ سندس جاءِ تي ارچنا پورن سنگهه کي ڪپل جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. نوجوت سنگهه سڌو کي پاڪستان مخالفت بيان نه ڏيڻ تي دي ڪپل شرما مان ڪڍيو ويو هو جنهن تي شو جي ميزبان ڪپل شرما به افسوس جو اظهار ڪندي چيو هو ته سڌو سان گڏ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو صحيح ناهي ڇاڪاڻ جو هو دهشتگردي خلاف حڪومتي پاليسي جي حمايت ڪري ٿو، سڌو کي شو مان ڪڍڻ مسئلي جو حل ناهي ۽ نه ئي سڌو جي معاملي تي پروپيگينڊا صحيح آهي. ٻئي پاسي دي ڪپل شرما شو جي مقبوليت جي پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي ۽ سڌو جي جاءِ ارچنا پورن سنگهه سنڀالي ورتي آهي پر مزاحيا پروگرام جي مداح ۽ خود شو جو ميزبان ڪپل شرما به نوجوت سنگهه سڌو ۽ سندس شاعري کي ياد ڪري رهيا آهن، شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو پروڊيوسر سلمان خان به ارچنا سان رڳو 20 قسطن جو معاهدو ڪيو آهي جنهن بعد امڪان آهي ته سڌو جلد شو ۾ واپسي ڪندو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ: وزيراعظم عمران خان جي تصوير لڳائي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن جي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے